سُهندي برهمڻ

سُهندي برهمڻ: سُهندي برهمڻ (عربي اُچار: ’حسنه‘)، راجا ڏاهر جي ڀاڻيجي هئي. ’فتحنامه سنڌ‘ عرف چچنامي ۾ علي ڪوفيءَ ڄاڻايو آهي ته، ”راجا ڏاهر جي مارجي وڃڻ کانپوءِ عربن راوڙ ڏانهن رُخ ڪيو، جتي عربن کي فتح حاصل ٿي ۽ انهن راوڙ جو قلعو قبضي ۾ آڻي، ماڻهن تي تشدد شروع ڪيو. قلعو فتح ٿيڻ کانپوءِ ڏاهر جي ڀيڻ مايين ۽ ڀاڻيجي حسنه (سُهندي) پنهنجي عزت بچائڻ خاطر باهه جو مچ تيار ڪرائي، سڀني عورتن کي گڏ ڪري، چوڻ لڳيون ته اسين برهمڻ خاندان جون عورتون آهيون، دشمن ملڪ فتح ڪري چڪو آهي. هاڻي بهتر اهو ئي آهي ته دشمن جي هَوس جو شڪار ٿيڻ کان پنهنجو پاڻ کي باهه جي حوالي ڪري امر ٿي وڃون. اهو چئي سڀ کان پهرين مايين پنهنجي عزت بچائڻ خاطر پنهنجي پاڻ کي باهه جي حوالي ڪيو، ان کانپوءِ هر عورت ان مچ ۾ ٽپو ڏيڻ شروع ڪيو، ان دوران محمد بن قاسم جو لشڪر اچي رسيو ۽ باقي عورتن کي گرفتار ڪري ورتائون. هنن کي قلعي مان گهڻو خزانو ۽ ٽيهه هزار ٻانها ۽ ٻانهيون به هٿ آيون، جن ۾ ويهه هزار ڪنواريون ڇوڪريون به هيون. انهن ويهه هزار سنڌ جي نياڻين ۾ ٽيهه راجائن جون ڌيئرون ۽ هڪ راجا ڏاهر جي ڀاڻيجي ۽ مايين جي ڌيءَ حسنه (سُهندي) به شامل هئي. محمد بن قاسم هٿ آيل خزاني جو وڏو حصو ۽ ٽيهن راجائن جي ڌيئون، مهاراجا ڏاهر جي ڀاڻيجي حُسنه سميت حجاج بن يوسف جهڙي ظالم حاڪم ڏانهن ڏياري موڪليون. حجاج وٽ جڏهن هي عورتون ۽ سامان پهتو ته ڏاڍو خوش ٿيو.“ (حوالو: چچنامو، ص: 65 کان 70، 72، 76 ۽ 96).


لفظ سُهندي برهمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو